ڊاڪٽر ماها ڪيس ۾ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ درخواست

ڪراچي ( رپورٽر) مقامي عدالت ۾ درگاهه گرهوڙ جي گادي نشين سيد آصف شاهه پنهنجي ڌيءُ  ڊاڪٽر ماها جي ڪيس ۾ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي ،  درخواست ۾ سيد آصف شاهه موقف اختيار ڪيو آهي ته پوليس ڊاڪٽر ماها جي واقعي کي آپگهات قرار ڏنو ۽ شاهديون به اُنهي حساب سان گڏ ڪيون ويون، ڊاڪٽر ماها جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر غلط رپورٽ ڏني آهي، تنهن ڪري واقعي جي هر رُخ ۾ جاچ لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي، درخواست ۾ ڊاڪٽر ماها جي قبر ڪُشائي، پوسٽ مارٽم ۽ وڌيڪ طبي معائني لاءِ اجازت ڏيڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.