عدالت پاران ريلوي پوليس جي تحويل ۾ ورتل ڇوڪري والدين حوالي

حيدرآباد(رپورٽر) سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 2 جي عدالت ريلوي پوليس پاران تحويل ۾ ورتل 16 سالن جي ڇوڪريءَ کي سندس والدين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ڇوڪريءَ کي لاهور وٺي ويندڙ 16 سالن جي ڇوڪري عزيز کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي سان تعلق رکندڙ 18 سالن کان گهٽ عمر وارو جوڙو ڪراچي کان لاهور لاءِ روانو ٿيو هو جتي ان جوڙي کي شادي ڪرڻي هئي پر حيدرآباد جي ريلوي پوليس جوڙي کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي ته پتو پيو ته اهو جوڙو مائٽن جي مرضي کانسواءِ شادي لاءِ ريل گاڏي ذريعي لاهور وڃي رهيو آهي. پوليس ڇوڪريءَ ”و“ ۽ ڇوڪري عزيز جي مائٽن کي به ڪراچي مان طلب ڪري صورتحال کان آگاهه ڪيو هو. ابتدائي طور ڇوڪريءَ ”و“ مائٽن سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ موقف اختيار ڪيو هو ته هو عزيز نالي ڇوڪري کي پسند ڪري ٿي ۽ ان سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي. هو مائٽن وٽ ان ڪري وڃڻ نٿي چاهي جو کيس خدشو آهي ته مائٽ هن کي قتل ڪري ڇڏيندا. ڇوڪريءَ جي اهڙي بيان تي کيس وومين ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو هو. جوڙي کي اربع ڏينهن سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 2 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

سنڌ يونيورسٽي ڪرپشن ڪيس: پروفيسر اصغر هڪڙو جي ضمانت منظور

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ قائم اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن جي عدالت (صوبائي) سنڌ يونيورسٽي جي فنڊز ۾ مبينا گهوٻين /واري ڪيس ۾ گرفتار پروفيسر اصغر هڪڙو جي ھڪ لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ڇڏي، عدالت، يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي فتح محمد برفت سميت ڪيس ۾ نامزد ٻين 33 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ به 8 ڏينهن جي واڌ ڪندي ٻڌڻي ھڪ ھفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رھي ته اينٽي ڪرپشن کاتي، سنڌ يونيورسٽي جي وي سي سوڌو 60 کان وڌيڪ جوابدارن خلاف 71 ڪروڙ رُپين جي مبينا گھوٻين جو ڪيس داخل ڪيو هو.

اي او بي آءِ ۾ غيرقانوني ڀرتيون چئلينج

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ اي او بي آءِ ۾ غير قانوني ڀرتين کي چئلينج ڪيو ويو آهي .سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس نديم اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ علي مراد جي درخواست تي اي او بي آءِ سميت ٻين کان چئن هفتن ۾ جواب گهري ورتو آهي .درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته اي او بي آءِ ۾ 28 ماڻهن کي 2007ع ۾ غيرقانوني ۽ غير آئيني ڀرتي ڪيو ويو .هن وڌيڪ چيو ته سينيارٽي بنيادن تي ترقي نه ڏني پئي وئي بلڪ جيڪي غير قانوني ڀرتي ڪيا ويا هنن کي ترقي ڏني وئي آهي ان ڪري عدالت کان استدعا آهي ته عدالت اي او بي آءِ کان جواب طلب ڪري .

ڪراچي ۾ ڪار تي فائرنگ، نجي ڪمپني جو مئنيجر قتل

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪار تي فائرنگ، نجي ڪمپني جو مينيجر قتل، پوليس واقعي کي ڦر مزاحمت قرار ڏئي ڇڏيو. ڪورنگي ڪراسنگ واري علائقي ۾ هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ڪار سوار عمير پٽ جاويد قتل ٿي ويو، جڏهن ته ڪامران زخمي ٿي پيو. پوليس موجب ابتدائي جاچ موجب واقعو ڦر مزاحمت تان پيش آيو، مقتول نجي ڪمپني ۾ مينيجر هو، جيڪو 11 لک رپيا کڻي ابراهيم حيدري ۾ بينڪ ۾ جمع ڪرائڻ وڃي رهيو هو، لڳي ٿو ته ڪنهن مخبري ڪئي آهي، واقعي واري جاءِ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، گولين جا خول فارينزڪ لاءِ اماڻيا ويندا، جڏهن ته ڪمپني جي ملازمن کان پڇاڳاڇا ڪئي ويندي، لاش ضابطي جي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

حيدرآباد ۾ هڪ اڻڄاتل نوجوان ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ هڪ اڻڄاتل نوجوان ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي پيو. نوجوان کي ڪار جو ٽڪر هڻي زخمي ڪندڙ  ڪار ڊرائيور زخمي حالت ۾ کڻي گم ٿي ويو. سول اسپتال جي انتظاميا اهڙي ڪنهن به زخمي جي اسپتال اچڻ جي تصديق ناهي ڪئي. حيدرآباد-ڄامشورو روڊ تي هنڊا پيلس ويجهو هڪ الٽو ڪار 16 ورهين جي هڪ نوجوان کي ٽڪر هڻي زخمي ڪري وڌو. جنهن کي ذميوار ڪار ڊرائيور ساڳي گاڏي ۾ کڻي روانو ٿي ويو.

چمبڙ لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 17  ڄڻا زخمي

چمبڙ ( ن ع آ) چمبڙ ويجھو ڳوٺ وريام سولنگي ۾  سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾  پلاٽ جي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو. ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 17 ماڻھو  سخت زخمي ٿي پيا آهن. جن ۾ آفتاب سولنگي، محمد اشرف،  علي احمد، سرفراز، خان محمد ،28 ورھين جو  عرفان، 19 ورھين جو نورو، 28 ورھين ارباب، 60 ورھين جو رمضان، 37 ورھين جو  امتياز، 60 ورھين جو باندي سولنگي ، رضوان، يار محمد،23 ورھين جو فاروق ،40 ورھين جو مجنو خان زخمي ٿي پيا ٻنھي ڌرين جي زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر چمبڙ آندو ويو جڏهن ته  16 زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.03

حيدرآباد، مسمات صبيحه راڻي اڃا تائين بازياب نه ٿي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي پٺاڻ ڪالوني واري علائقي مان 5 سيپٽمبر تي اغوا ڄاڻايل عورت مسمات صبيحه راڻي اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي. عورت جي مڙس ياسر علي ولد فضل الرحمان پٺاڻ 11 سيپٽمبر 2020ع تي مارڪيٽ ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته سندس زال جي عمر 34 سال ۽ هو 5 ٻارن جي ماءُ آهي. سندس زال جو دماغي توازن به ٺيڪ نه آهي. هو پنهنجي موبائيل فون تان هڪ ٻي شخص سان ڳالهائيندي رهندي هئي.

 جهڏو ۾ پراڻ ندي ۾ ٻڏي ويل نوجوان جو لاش هٿ

جهڏو (ن ع آ)  جهڏو ويجهو حيات خاصخيلي جو رهواسي 18 سالا نوجوان محمد خان پٽ عبدالجبار  پٺاڻ 2 ڏينهن اڳ  پراڻ ندي ۾ وهجندي ٻڏي ويو هو جنهن جي ڳولا ٽوٻن طرفان رات دير تائين جاري رهي جنهن کي گذريل ڏينهن مذڪوره نوجوان جو لاش حيات خاصخيلي کان ٽي ڪلوميٽر پري نبي سر موڙ وٽ پراڻ ندي مان ٽوٻن هٿ ڪري ورتو، لاش جي سڃاڻپ مذڪوره نينگر جي وارثن ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.