انصاف نه ملڻ سبب ڏوهاري طاقتور پيا ٿين: سينيٽر جاويد عباسي

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر جاويد عباسي چيو آهي ته ڏاڍائي ۽ ٻارن ۽ عورتن سان زيادتي جي واقعن کي روڪڻ لاءِ سخت قانونسازي جي ضرورت آهي ان حوالي سان هو بل کڻي ايندو، ان تي بحث ڪيو وڃي، اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر جاويد عباسي چيو ته لاهور جي ويجهو شرمناڪ واقعي قوم جا ڪنڌ شرم سان جهڪائي ڇڏيا، انصاف نه ملڻ سان ڏوهاري طاقتور ٿيندا پيا وڃن، پارليامينٽ کي سخت قانونسازي ڪرڻ گهرجي.

سرعام ڦاهي جي خلاف آهيان: شهزاد راءِ

اسلام آباد(م ڊ) گلوڪار شهزاد راءِ چيو آهي ته سرعام ڦاهي جي سزا خلاف آهيان. هن چيو ته هو ٻارن ۽ عورتن تي تشدد ڪرڻ ۽ زيادتي ڪندڙ ماڻهن کي سخت کان سخت سزا ڏيڻ جي حق ۾ آهي ، هن سوال اُٿاريو ته ڇا اسان چاهيون ٿا ته اسان جي نوجوان نسل ۽ ٻارن جا لاش رستن ۽ چوراهن تي لٽڪيل هجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.