اسپيڪر ريڊلائن ڪراس ڪئي، اي پي سي ۾ حڪومت بابت فيصلو ڪنداسين: اپوزيشن

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته پارلياماني تاريخ ۾ ڪڏهن به اسپيڪر جو ايترو غير جمهوري رويو ناهي ڏٺو. حڪومت کي سجهائڻ ۽ سندن مدد لاءِ ايوان ۾ آيا هئاسين پر ڳالهائڻ جو موقعو  نه ڏنو ويو. پارليامينٽ جي اجلاس دوران واڪ بعد شهباز شريف سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته غير آئيني طريقي سان قانونسازي ڪئي وئي، عدالتي فيصلي بعد ڪو به صلاحڪار پارليامينٽ ۾ بل پيش نه ٿو ڪري سگهي. هاڻي اسان کي جمهوريت جي بحالي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. بلاول چيو ته اڄ پاڪستان جي جمهوري تاريخ تي وڏو حملو ٿيو آهي. اسان کي حق آهي ته پارليامينٽ ۾ وڃي پنهنجو موقف بيان ڪيون. اسان کي شڪ آهي ته حڪومت صلاحڪارن کي بل جي منظوري واري ووٽ ۾ داخل ڪيو. حڪومت کي ڀلا ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ ۾ ڪهڙي تڪليف هئي. اسپيڪر کي اجازت ناهي ته هو اپوزيشن کي روڪي سگهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد هي سڀ غير آئيني آهي، ان موقعي تي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ايف اي ٽي ايف سميت ٻين بلن جي منظوري تي تنقيد ڪندي چيو ته پارليامينٽ جي ڪارروائي کي پيرن هيٺان چيڀاٽيو ويو، اپوزيشن پنهنجي پسند ناپسند کان مٿانهين تي ايف اي ٽي ايف بل جو ساٿ ڏنو ته جيئن پاڪستان جي قومي مفاد تي ڪو داغ نه لڳي، هن چيو ته اڄ اسپيڪر سموريون حدون اورانگهي ڇڏيون، هن مون کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو، هن چيو ته اسپيڪر جو اهو رويو انتهائي غيرپارلياماني آهي، اپوزيشن ان جي ڀرپور مذمت ڪري ٿي، هن چيو ته اڄ پارلياماني روايتن لاءِ ڪارو ڏينهن هو، اسان خبر وٺي رهيا آهيون ته ڪير ڪير ايوان مان غير حاضر رهيو، اي پي سي ۾ اسان سڀ گڏجي حڪومت بابت فيصلو ڪنداسين، اسپيڪر اڄ ريڊلائن ڪراس ڪري ڇڏي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.