اپوزيشن سان ڪرپشن کان علاوه هر معاملي تي سمجهوتي لاءِ تيار آهيان : وزيراعظم

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جَي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سمورِي اپوزيشن خراب ناهي پر اڄ اپوزيشن اڳواڻن لاءِ منهنجي راءِ مضبوط ٿي وئي. اپوزيشن پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون، اپوزيشن وارن مني لانڊرنگ ناهي ڪئي ته پوءِ کين ڇا  جو ڊپ آهي؟ عمران خان چيو ته اپوزيشن اڳواڻن ۽ ملڪ جا مفاد هڪٻئي جَي ابتڙ آهن، ايف اَي ٽي ايف جِي گِري لسٽ اسان کي وراثت ۾ ملِي، جنهن مان نڪرڻ ملڪ جَي مفاد آهي. عمران خان چيو ته اميد هئي ته اڄ اپوزيشن ڪورونا کي منهن ڏيڻ تي حڪومت جِي واکاڻ ڪندي ۽ ٿورا مڃيندِي،هن چيو ته نيب قانون تي جڏهن ڳالهه ڪئي ته انهن(اپوزيشن) چيو ته نيب کي ختم ڪري ڇڏيو، مني لانڊرنگ ٿيندي آهي ، جڏهن توهان ملڪ مان پئسو ناجائز طريقي سان ٺاهيو ٿا ته توهان کي ٻاهرين ملڪ کڻي وڃو ٿا، اهو رڳو اسان جي ملڪ جو مسئلو ناهي هرغريب ملڪ جو مسئلو آهي، اڄ جي دنيا ۾ امير ملڪ وڌيڪ امير ۽ غريب ملڪ وڌيڪ غريب ٿي رهيا آهن، ٽئين دنيا جا سمورا ملڪ مني لانڊرنگ جي ڪري هيٺ وڃي رهيا آهن، آمريڪا جي رپورٽ آهي ته هر سال پاڪستان مان 10 ارب ڊالرن جي مني لانڊرنگ ٿيندي آهي، ملڪ جي مستقبل لاءِ مني لانڊرنگ کي روڪڻو پوندو، هن چيو ته  ڊبليو ايڇ او دنيا کي چوي ٿي ته پاڪستان کان سِکو، اهڙو قانون آڻڻ چاهيون ٿا. جنهن سان ٻارن جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي، ريپ جَي ڏوهارين جِي ڊيٽا ٺاهينداسين وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر سان ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر اپوزيشن سان ڪرپشن تي ڪڏهن به سهڪار نه ڪنداسين، هن چيو ته ريپ ڪندڙن خلاف قانونسازي ڪري رهيا آهيون ته جيئن عورتن ۽ ٻارن کي تحفظ فراهم ڪري سگهون، هن قانونسازي ۾ مدد ڪرڻ تي حڪمران جماعت ۽ اتحادين جو ٿورو مڃيو، هن موٽروي سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن کان اهو حادثو ٿيو آهي ته اسان سوچي رهيا آهيون ته ان لاءِ هڪ قانونسازي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.