وفاقي سرڪار کي بهارين سان همدردي، مستقل پناهه ڏيڻ جون ڪوششون

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته پاڪستان جي لاءِ قرباني ڏيندڙ بهارين جي مستقبل جي باري ۾ اسان کي ضرور سوچڻ گهرجي، اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾  سوالن جي وقفي دوران سينيٽر سسئي پليجو جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان ٻڌايو ته حڪومت جو غير قانوني پناهه وٺندڙن کي لامحدود وقت جي لاءِ رکڻ جو ڪو به ارادو نه آهي، 1971ع ۾ پاڪستان ٻه ٽڪر ٿيو، ته پاڪستان جي لاءِ نعرا هڻندڙ اسان جا پاڪستان سان محبت جي سزا ۾ بي يارو مددگار زندگي گذاري رهيا آهن انهن جي باري ۾ اسان کي ضرور سوچڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.