ڊائو ميڊيڪل شاگردن جي بک هڙتال جاري، سعيد غني ڪئمپ تي پهتو، خاطريون

ڪراچي( رپورٽ: صادق سومرو) ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي جي شاگردن پاران هاسٽلن تي قبضي خلاف جاري بک هڙتال چوٿين ڏينهن به جاري، ايم ڪيو ايم  بحالي ڪميٽي جو فاروق ستار  ڪئمپ تي پهچي شاگردن سان ايڪتا جو اظهار ڪيو،ان موقعي تي هنن چيو ته هاسٽلن تي قبضو علم دشمني آهي، اسان سان شاگردن جي جدوجهد ۾ گڏ آهيون، ٻئي پاسي صوبائي وزير سعيد غني، ناصر منصور، ڪرامت علي، سيڪريٽري هليٿ سميت  شاگردن سان همدردي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب ڪئمپ تي پهتو،کين  هاسٽلن جو مسئلو حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو، ڪئمپ تي شاگردن اڳواڻ عبدالڪريم ۽ شبير ۽ ٻين حڪومت نمائندن اڳيان پنهنجي مسئلن چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو،صوبائي وزير سعيد غني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاگردن جومسئلو حل ڪري انهن جي بيچيني ختم ڪئي ويندي، ٻئي پاسي ڪرامت علي چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت توهان جي هاسٽلن جو مسئلو حل نه ڪيو ته مان پاڻ توهان سان بک هڙتال تي ويهندس، سيڪريٽري هيلٿ چيو ته توهان جو جائز مسئلو آهي اسان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين،هن ڪئمپ تي ويٺل شاگردن کان جوس پياري مسئلو حل ڪرڻ جو يقين ڏياري کين احتجاج ختم ڪرڻ جو چيو ، صوبائي وزير سعيد غني چيو ته مان ڊائو شاگردن جو ٿورائتو آهيان جن منهنجي ڳالهين تي عمل ڪيو، سعيد غني چيو ته شاگردن کي پراڻيون هاسٽلون واپس ڪيون وڃن، هن وقت اتي هڪ ٻيو ادارو ڪم قائم ڪيو ويو آهي اهو ڪنهن جي استعمال ۾ ناهي، مسئلي جو حل اهو آهي ته جيڪي هاسٽل تي قبضو ڪيون ويٺا آهن انهن کي اٿاري ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو وڃي پر مان سمجهان ٿو اها مناسب ڳالهه ناهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.