لاهور هاءِ ڪورٽ مريم نواز کي موڪليل ايف بي آر نوٽيس تي عمل روڪي ڇڏيو

لاهور (م ڊ)  لاهور هاءِ ڪورٽ مريم نواز کي موڪليل  ايف بي آر نوٽيس تي عمل روڪي ڇڏيو آهي. مريم نواز  ايف بي آر جي نوٽيس  کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيوهو. هن لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي. مريم نواز پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ايف بي آر طرفان 6 لک 57 هزار جي انڪم سپورٽ ليوي ٽيڪس جا نوٽيس موڪليا ويا آهن جڏهن ته مان قانون موجب سمورا ٽيڪس ادا ڪري رهي آهيان. سمورا  ٽيڪس ادا ڪرڻ جي باوجود ايف بي آر ريڪوري نوٽيس موڪليا آهن. جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ  به رڪارڊ جو درست جائزو وٺڻ کان سواءِ درخواست رد ڪري ڇڏي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ايف بي آر طرفان موڪليل نوٽيس ۽ سنگل بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.