مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جي ضمانت ۾ 21 سيپٽمبر تائين واڌ

لاهور (م ڊ) آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جي عارضي ضمانت ۾ 21 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي وئي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مبينه مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جي عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. مسلم ليگ(ن) جو صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف  عدالت ۾ پيش ٿيو. شهباز شريف  پنهنجو موقف پيش ڪيو ته نيب ۾ پيش ٿيس ته مون کي چيو ويو ته جاچ مڪمل ٿي وئي آهي. مان پاڻ پاڪستان آيو آهيان. ڪينسر جو مريض آهيان، مون کي علاج جي لاءِ پرڏيهه وڃڻو پوندو آهي.نيب بدنيتي جي بنياد تي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس ٺاهيو آهي.  جنهن تي عدالت چيو ته اوهان صرف ايون فيلڊ واري ڪيس کي ئي نه ڏسو هي به ڪيس آهي اوهان  هر ڀيري ٽن هفتن جي درخواست ڏئي ڇڏيندا آهيو. جنهن تي شهباز شريف جواب ڏنو ته عدالت ٻن هفتن کان پوءِ ڪابه تاريخ ڏئي ڇڏي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.