”سپريم ڪورٽ ۽ عوام مطمئن ناهي“ ڪراچي ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جو مطالبو رد

ڪراچي (رپورٽر) نيپرا چيئرمين چيو آهي ته ڪراچي جا شهري ۽ سُپريم ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ مان مطمئن نه آهن، ڪي اليڪٽرڪ جي چوڻ تي سيڙپڪاري جي نالي تي شهرين مٿان وڌيڪ بار نٿو وجهي سگهجي، ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي مهانگي ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي نيپرا ۾ ٻڌڻي ٿي، نيپرا چيئرمين چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ سيڙپڪاري جا هدف پورا نه ڪيا ۽ ڪٿي به سيڙپڪاري جا اثر نظر نٿا اچن، اسان ته برسات دوران به ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ ڏٺي، ڪي اليڪٽرڪ جي سي سي او ٻڌڻي دوران چيو ته مستقبل ۾ بجلي جي ٽرانسميشن ۽ ورڇ تي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرون ٿا، برسات دوران فيڊرز جي حفاظت لاءِ بجلي بند ڪئي وئي هئي، ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي واسين لاءِ بجلي هڪ رُپيو 54 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ داخل ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.