ايون فيلڊ ريفرنس ۾ به نواز شريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد(م ڊ) عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ به نواز شريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. اسلام آباد هاءِ  ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ الڳ الڳ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي درخواست تي لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 5 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ نواز شريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي تعميل جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه کان پوءِ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ به نواز شريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي گرفتاري وارنٽن جي 22 سيپٽمبر تائين تعميل ڪرائي وڃي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.