ڪراچي ۾ جهيڙي دوران ٻن آفيسرن جي قتل جو ڪيس داخل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ سوڪ سينٽر اندر ڪي ڊي اي آفيس جي آفيسرن ۾ جهيڙي دوران ٻن آفيسرن جي مارجي وڃڻ واري  واقعي جو ڪيس نيو ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو جڏهن ته گرفتار جوابدار کان پوليس شروعاتي بيان رڪارڊ ڪري ورتو آهي، واقعي ۾ مارجي ويل مقتول وسيم عثماني جي ڀاءُ ڪليم عثماني جي فرياد تي نيو ٽائون ٿاڻي ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته فائرنگ ڪندڙ جوابدار عبدالحفيظ جو پوليس بيان رڪارڊ ڪيو، پنهنجي بيان ۾ جوابدار ٻڌايو ته ٻنهي آفيسرن سان ڪم جي معاملي تان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، ٻنهي آفيسرن کان ڪم گهريو ته هنن ڇڪتاڻ پيدا ڪئي، هن ٻڌايو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪيترائي ڀيرا مايوس ٿي گهران پسٽل کڻي ايندو هئس، هن بيان ڏيندي ٻڌايو ته واقعي واري ڏينهن به گهران پسٽل کڻي آيس، آفيس جي ڪمري ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿيڻ بعد هٿ هٿان ٿئي وئي ان دوران ٻنهي آفيسرن پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته پسٽل مان گولي هلي وئي ۽ اندازو نه هو ته ڪو ايترا فائر ٿي ويندا. ٻئي پاسي پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ جاري آهي، پسٽل ۽ ان جي گولين جا خول ليباٽري موڪليا آهن ياد رهي ته گذريل اڱاري واري ڏينهن سوڪ سينٽر ۾ قائم ڪي ڊي آفيس ۾ سرڪاري آفيسرن ۾ جهيڙي دوران اسسٽنٽ دائريڪٽر عبدالحفيظ جي فائرنگ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر لينڊ گلستان جوهر وسيم عثماني ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وسيم رضا مارجي ويا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.