شهدادڪوٽ ويجهو ھٿياربندن هٿان نوجوان اڳ جھلي قتل

شهدادڪوٽ (ڊر) شهدادڪوٽ ويجهو ھٿياربندن اڳ جھلي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، موٽر سائيڪل تي سوار ھٿياربندن شھر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد  ڳوٺ اعتبار خان چانڊيو واري لاڙي وٽ گڏھ گاڏي تي ويٺل 28 ورھين جي محمد جان ساسولي مٿان فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، اطلاع تي حد جي پوليس پھچي لاش تعلقه کڻائي آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو , مقتول نوجوان ڳوٺ علي دوست ساسولي جو رهواسي هو,جنهن جو لاش گھر پھچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو,واقعي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول جو پنهنجي برادري جي ماڻهن سان پاڻي جي واري تان تڪرار هلندڙ هو جن کيس حملو ڪري کيس قتل ڪيوآهي، ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي ھئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.