سي بي سي خلاف بلڊرن ۽ اسٽيٽ ايجنٽن احتجاج ڪيو: برگيڊيئر عاصم

ڪراچي (پ ر) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) سنڌ جي صدر اڪرام سهگل جي صدارت ۾ هڪ وفد  گذريل  ڏينهن ڪمانڊر اسٽيشن هيڊ ڪوارٽرز ۽ ڪراچي ڪينٽونمينٽ بورڊ (سي بي سي )جي صدر برگيڊيئر عابد عسڪري سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊي ايڇ اي جو ايڊمنسٽريٽر برگيڊيئر عاصم ۽ ڪلفٽن ڪينٽونمينٽ بورڊ جو ايڊمنسٽريٽر سليم وٽو به موجود هو.ملاقات ۾  سي پي اين اي سنڌ جي صدر اڪرام سهگل ڊي ايڇ اي سميت ڪراچي جي سڀني ڪينٽونمينٽ بورڊ وارن علائقن ۾ تازي برسات سبب شهرين کي پيش ايندڙ ڏکيائين کان آگاهه ڪيو. ڪماندر اسٽيشن هيڊ ڪوارٽرز ۽ ڪراچي ڪينٽونمينٽ بورڊ (ڪي بي سي )جي صدر برگيڊيئر عابد عسڪري وفد کي ٻڌايو ته چوماسي جي پهرين پنجن  برساتن ۾ پاڻي جو نيڪال ٺيڪ رهيو پر ڇهين اسپيل  ۾ 440 ملي ميٽر رڪارڊ برسات پوڻ ڪري سڀئي نالا اٿلي پيا. ڊي ايڇ اي ۽ ڪلفٽن جي ساحل سان گڏيل هجڻ ڪري ٻين علائقن جو پاڻي به ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ گڏ ٿي ويو. اسان ڇهن ڏينهن جي اڻٿڪ جدوجهد کان پوءِ پاڻي ڪڍي ورتو.شهرين جي احتجاج ڪندڙن ۾ ڊفينس جا رهاڪو گھٽ بلڊرز ۽ اسٽيٽ ايجنٽ وڌيڪ هئا. هن چيو ته 1999ع ۾  هڪ سروي موجب 3 ملين گيلن پاڻي جي گھرج هئي، جڏهن ته هينئر 16 ملين پاڻي جي گھرج آهي. پر واٽر بورڊ 5.5 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪري ٿو. برگيڊيئر عاصم چيو ته ڊفينس فيز ٽو ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ نئين سر رٿابندي ڪريون پيا اميد آهي ته انهي رٿا جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پاڻي جي نيڪال توڙي رسائي جو مسئلو نه رهندو.سي پي اين اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته  تازيون برساتون عام نه پر موسمياتي تبديلي جو نتيجو آهن. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان وٽ ڪڏهن به موسمياتي تبديليءَ تي ڌيان ناهي ڏنو ويو، جڏهن ته يورپ توڙي نار وارن ملڪن ۾ ان تي تمام گھڻو ڪم ٿيو آهي.ان سلسلي ۾ سي پي اين اي عوامي آگاهي مهم جي ذريعي  وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي آگاهه ڪيو هو. هن چيو ته جيڪڏهن پاڻي ناهي ته واٽر ٽينڪر ڪٿان ڀرجن ٿا.هي هڪ مافيا بڻجي چڪي آهي جنهن خلاف سخت قدم کڻڻ جي گھرج آهي. ڊاڪٽر جبار خٽڪ مطالبو ڪيو ته ڪراچي کي سنگل چين آف ڪمانڊ جي ذريعي هلايو وڃي ۽ ڊي ايڇ اي سميت ٻين ڪينٽونمينٽ بورڊز کي انوائرنمينٽل بنيادن تي بنايو وڃي.شير محمد کهاوڙ چيو ته سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به برسات سبب وڏي تباهي ٿي آهي، جتي قدرتي طور ريلا وهندا آهن جن کي ذخيرو نه ڪرڻ سبب پاڻي زيان ٿيو وڃي.هن چيو ته برساتن جي اڳڪٿين باوجود ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا جيڪو افسوسناڪ ۽ ڳڻتي جوڳوعمل آهي.سي پي اين اي جي وفد ۾ اڪرام سهگل، ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ شير محمد کهاوڙ سميت ڊپٽي سيڪريٽري جنرل عامر محمود،  سينيئر ميمبرن مقصود يوسفي، غلام نبي چانڊيو، عبدالرحمان مڱريو، مظفر اعجاز، عبدالخالق، عارف بلوچ، محمد عرفان ۽ سلمان قريشي به شامل هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.