ڄامشورو ۾ ايس ايس پي امجد احمد شيخ جي بدلي خلاف شھرين جو مظاهرو

ڄامشورو ۾ ايس ايس پي امجد احمد شيخ جي بدلي خلاف شھرين پاران مظآهرو ڪيو ويو ، ڄامشورو شھري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ربنواز ابڙو , دربان عالماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو آڏو احتجاج ڪيو ويو , ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايس ايس پي ڄامشورو امجد احمد شيخ ڄامشورو ضلعي ۾ امن امان جي بحالي لاء تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون  ۽ پنهنجون  ذميواريون ڀرپور نموني نڀايون، هو اهڙي فرض شناس آفيسر جي بدلي جي مذمت ڪن ٿا،  هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي امجد احمد شيخ جي بدلي روڪي کيس ٻيهر واپس ڄامشورو ۾ مقرر ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.