بوزداروڏا لڳ شاهنواز واهه کي ٻن جاين تان 15 -15 فوٽ گهارو

بوزداروڏا لڳ ڳوٺ بگو دڙو ڀرسان  بگودڙو شريف شاهنواز واه کي پندرهن فوٽن جا ٻن جاين تان گهارا  پئجي ويا  جنهن جي نتيجي م گهاري جو پاڻي سوين جريبن تي بيٺل وونئڻ جي  فصل ۾ ڪاهي پيو،  ايريگيشن عملي کي اطلاع ملڻ باوجود گهاري واري هنڌ ڪوبه نه پهتو جڏهن ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪري ورتو ، ٻئي طرف ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايريگيشن عملي جي لاپرواهي سبب گهارا روز جو معمول بڻيل آهن،  هنن مطالبو ڪيو ته  چوري پاڻي وڪرو ڪندڙ نااهل ايريگيشن جي عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سندن نقصان جو ازالو ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.