ٺٽو: شهر جي مختلف علائقن مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيو ،شهري پريشان

ٺٽي شھر جي مختلف علائقن ۽ پاڙن شاھ ڪمال محلي، مسڻ محلي، ۽ ڀٽواڻي محلي سميت شھر جي سمورن وارڊن ۾ 10 ڏينھن گذري وڃڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو جڏھن ته سالن کان ڊرينيج نظام تي ڪم نه ٿيڻ ڪري ڊرينيج نظام مڪمل طور تي غير فعال بڻجي ويو ۽ نيڪال جو نظام به ناڪام ٿي ويو آهي جنهن ڪري گٽرن جو گندو پاڻي روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ ڦھلجي وڃڻ ڪري رھواسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آھي، شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳل ھئڻ ڪري مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آھي. 6 مهينن کانپوءِ کليل اسڪول اڃان تائين برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھن،، شهر واسين پاران فوري طور تي اپاءَ وٺي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۽ صفائي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.