آءِ جي پوليس شهيد بينظير آباد رينج جي صدارت ۾ امن امان بابت اجلاس

انسپيڪٽر جنرل آف پوليس شهيد بينظيرآباد رينج مظهر نواز شيخ جي صدارت هيٺ شهيد بينظيرآباد رينج ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنويرحسين تنيو، ايس ايس پي سانگهڙ عثمان غني صديقي ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف حسين لغاري شرڪت ڪئي ، اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي آءِ جي مظهر نواز شيخ چيو ته ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن تي ڪنٽرول ڪري امن امان جي صورتحال کي يقيني بنائڻ سان گڏ ايف آئي آر جي آزاد داخلا کي پڻ يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته ڪيسن جي جانچ پيشي وراڻي ۽ جديد طريقي سان ڪئي وڃي مفرور ۽ اشتهاري ڏوهارين کي پڪڙڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن ، بعد ۾ ڊي آءِ جي مظهر نواز شيخ جي صدارت هيٺ ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جو هڪ ٻيو اجلاس سندس آفيس ۾ ٿيو اجلاس ۾ رينج جي ٽنهي ضلعن جي ايس ايس پيز شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سينيارٽي جي بنياد تي 29 اي ايس آئيز کي سب انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي ڏني وئي ترقي حاصل ڪندڙن ۾ اي ايس آئي آفتاب بيگ،سانوڻ ڪلهوڙو،ضمير حسين رند،نظر محمد عباسي،گل محمد گوپانگ ۽ ٻيا اي ايس آءِ شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.