شوبز جي مشهور شخصيتن سوشل ميڊيا جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي ناليواري اداڪارا ۽ ماڊل ڪم ڪرڊشين سميت شوبز جي ڪيترين ئي مشهور شخصيتن پنهنجا سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

شوبز شخصيتن جو سوشل ميڊيا اڪائونٽن جو بائيڪاٽ سول سوسائٽي طرفان شروع ڪيل ”اسٽاپ هيٽ فار پرافٽ“ مهم جو حصو آهي.

ان مهم تحت شوبز شخصيتون پنهنجا سوشل ميڊيا اڪائونٽ 24 ڪلاڪن لاءِ معطل ڪنديون.

ڪم ڪرڊشين گذريل ڏينهن پنهنجي سوشل ميڊيا بيان ۾ لکيو هو ته سوشل ميڊيا تي غلط ڄاڻ پکيڙڻ جا ڏاڍا سنجيده اثر پون ٿا.

آمريڪي اداڪارا ۽ ماڊل موجب سوشل ميڊيا پليٽ فارمز طرفان نفرت، پروپئگنڊا ۽ غلط ڄاڻ پکيڙڻ جي معاملي تي چُپ نٿي ويهي سگهان.

ڪم ڪرڊشين کانسواءِ ان مهم ۾ ليونارڊيو ڊي ڪيپريو، ساشا بيرون، جينيفر لارنس ۽ ڪيٽي پيري پڻ شامل آهن.

واضح رهي ته فيس بُڪ ۽ انسٽاگرام خلاف اسٽاپ هيٽ فار پرافٽ مهم هلندڙ سال جون ۾ شروع ٿي هئي، جنهن ۾ انهن پليٽ فارمن تي نفرت تي ٻڌل ۽ غلط ڄاڻ پکيڙڻ کي روڪڻ لاءِ مناسب قدم نه کڻڻ جو الزام هنيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.