ايون فيلڊ ريفرنس ۾ به نواز شريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ به نواز شريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ الڳ الڳ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي درخواست تي لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 5 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ نواز شريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي تعميل جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه کان پوءِ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ به نواز شريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي گرفتاري وارنٽن جي 22 سيپٽمبر تائين تعميل ڪرائي وڃي، ايون فيلڊ ريفرنس ۾ وارنٽ رڳو اپيلن تي حاضري يقيني بڻائڻ جي لاءِ جاري ڪيا ويا.

عدالت حڪم نامي ۾ چيو ته وفاقي حڪومت پاڪستاني هاءِ ڪميشن لنڊن جي ذريعي گرفتاري وارنٽن تي عمل ڪرائي جڏهن ته سزا معطلي وارين شرطن جي تحت اپيلن جي پيروي لاءِ نواز شريف کي موجود هئڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.