شھدادڪوٽ: ضلعي جي ڪاڇي واري ڳوٺن ۾ 2ڏينھن واري مفت ميڊيڪل ڪئمپ

سنڌ بلوچستان جي سرحدي دنگ تي واقع شھدادڪوٽ ضلعي جي ڪاڇي واري ڳوٺن  ۾ سنڌ ايسوسئيشن (يو اي اي ) جي سھڪار سان ٻن ڏينھن لاءِ مفت ايمرجنسي ميڊيڪل ڪئمپ  لڳائي  وئي جنھن ۾ پھرين ڏينهن تي  مختلف شعبن جي ماھر  ڊاڪٽرن نبي بخش بليدي ، غلام حيدر بلوچ ۽ ٻين ڊاڪٽرن 500 کان وڌيڪ مريضن کي تپاسي کين دوائون ڏنيون، ان موقعي تي سماجي اڳواڻن خادم حسين جاگيراڻي,غلام شبير مگسي,گھنور بروھي ۽ ٻين چيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي سپرنٽنڊنٽ جي سھڪار سان سنڌ  ايسوسئيشن (يو اي اي )طرفان ڪاڇي جي علائقي ۾ بلوچستان طرفان آيل برساتي پاڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي مريضن جي علاج لاء ٻن ڏينھن لا۽ ايمرجنسي مفت ميڊيڪل رليف ڪئمپ لڳائي وئي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.