هالاڻي : 2 عورتن پاران بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

هالاڻي ڀرسان ڳوٺ اڻندو جي رهواسي عورتن مسمات رخسانا منڱڻهار ۽ شاهده منڱڻهار پاران بااثرن جي مبينا ناانصافين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو ، ان موقعي تي عورتن جو چوڻ هو ته  ڳوٺ جي بااثرن لال بخش ڊکڻ ، بچل ڊکڻ ، يوسف ڊکڻ ،غوث بخش ڊکڻ ، شاهن ڊکڻ ۽ ٻين انهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو کين ڳوٺ مان لڏائڻ چاهين ٿا ۽ رات جي وقت هٿيار بند ماڻهو موڪلي انهن کي گهر خالي ڪرائڻ لاء ڌمڪائي رهياآهن . هنن پ پ جي ايم اين اي سيد ابرار شاھ ۽ آء جي سنڌ ۽  ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو بااثرن خلاف قدم کڻي کين انصاف ڪيو وڃي ۔

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.