بدين واسي نوجوان جو لاش پنوعاقل ڀرسان سنڌو دريا مان هٿ،قتل جو شڪ

بدين ڀرسان يوسي قاضي واھ جي ڳوٺ شيرخان چانگ جي رھواسي 30 ورهين جي پنھون پٽ ھاشم چانگ جو لاش پنو عاقل جي ڪچي جي علائقي سنڌو درياءَ وٽان هٿ آيو جيڪو تعلقي اسپتال آندو  ويو ، نوجوان پنهون جي والد ھاشم چانگ پاران قتل جو شڪ ظاھر ڪيو ويو جنھن بعد مقتول جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ,فوتي جي چاچي قاسم چانگ ٻڌايو  ته نوجوان جو برادري جي ماڻھن سان تڪرار ھلندڙ ھو جنھن جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ پنھون 14 تاريخ تي حيدرآباد ھا۽ ڪورٽ ويو ,جنھن بعد سندس نمبر بند مليو ,ھُن چيو  ته انهن جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آھي ,ھن مطالبو ڪيو ت پنھون جي قتل جي جانچ ڪري انصاف ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.