گهوٽڪي ۽ قمبر ۾ آبادي ڀلائي واري کاتي جي ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

گهوٽڪي ۽ قمبر  ۾ آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، گهوٽڪي ۾

پاپوليشن کاتي جي سوين عورت  ۽ مرد ملازمن ضلعي آفيس گهوٽڪي کان گل حسن مهر، بشيران ملڪ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، ريلي شھر جي مختلف چوڪن کان ٿيندي پريس ڪلب گهوٽڪي پهتي جتي ملازمن سينٽر شفٽ ڪرڻ خلاف سخت نعري بازي ڪندي ڌرڻو هنيو ، ٻئي پاسي قمبر ۾ ملازمن پاران پاپوليشن آفيس کان ريلي ڪڍي  وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن تان ٿيندي پريس ڪلب پھتي، ان موقعي تي آپڪا اڳواڻن امام الدين بگٽي، محمد نواز ميمڻ ۽ ٻين چيو ته پاپوليشن کاتي جي فلاحي مرڪزن کي صحت کاتي ۾ منتقل ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪن ٿا ، هنن مطالبو ڪيو ته فلاحي مرڪزن کي منتقل ڪرڻ وارو فيصلو روڪيو وڃي ۽ سمورن ادارن جي ملازمن کي ريگيولر ڪري ٽائيم اسڪيل ۽ اپ گريڊ ڪري يوٽيلٽي الائونس ڏنو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.