نوابشاهه :آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي ملازمن پاران علامتي بک هڙتال

آبادي جي ڀلائي واري کاتي شھيد بينظيرآباد جي ملازمن پاران پنھنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ محمد لقمان ٻگھيو، شمس الدين ھوت، محمد سعيد ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاپوليشن کاتي جا ملازم فلاحي مرڪزن ۽ موبائل سروس يونٽن کي صحت کاتي جي اسپتالن ڏانھن منتقل ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪن ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته پروموشن ۽ سينارٽي  ريگيولر هجڻ مطابق ڪيون وڃن، هنن چيو ته ڊي پي سي ويھاري پاپوليشن کاتي جي فلاحي مرڪزن، موبائل سروس يونٽبن کي صحت کاتي ڏانھن منتقل ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ ملازمن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.