سڪرنڊ: سنڌ جي ناليواري اديب راشد لکمير جي مان ۾ آجياڻو

سڪرنڊ ۾ سنڌ جي ناليواري اديب ۽ شاعر مرحوم عبدالحڪيم ارشدجي فرزند ۽ نامياري اديب راشد لکمير جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو ، ان موقعي تي آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي راشد لکمير چيو ته انسان کي پنهنجي جستجو سان پنهنجي سڃاڻپ پيدا ڪرڻي پوندي آھي جڏهن توهان ڪنهن جستجو ۾ نه هوندا ته اوهان جو وجود بي معني ٿي ويندو آهي ، هن چيو ته   سندس تحقيق جو سفر اڄ به جاري ۽ ساري آهي. هن جي سوچ آهي ته  هن “قرآن پاڪ ” کي عالمي انقلابي پيغام ڄاتو آهي جنهن جي تحقيق تي هن  جو ڪتاب “منزل ما ڪبريا است” تڪميل جي آخري مرحلي ۾ آهي. شاعر راشد لکمير پاران ڪافي ڪتابن جا مهاڳ بيڪ ٽائيٽل توڙي مضمون لکيا ويا آهن جڏهن ته سندس شاعري جو ڪتاب به تياري هيٺ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.