24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 665 ڪيس ريڪارڊ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وار تيز ٿيڻ لڳا، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 665 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، سڄي ملڪ ۾ ڪوروناوائرس جي مريضن جو انگ 3 لک 3 هزار 89 تي وڃي پهتو جڏهن ته ملڪ ۾ فعال ڪيس 5 هزار 936 رهجي ويا.

سنڌ ۾ڪورونا وائرس جا سڀ کان وڌيڪ متاثر مريضن جو انگ 32 هزار 591 ٿي ويو. ٻئي نمبر تي پنجاب ۾ مريضن جو انگ 97 هزار 946 رپورٽ، ڪي پي ۾ ڪورونا وائرس مان متاثر مريضن جو انگ 37 هزار 140، بلوچستان ۾ انگ 13 هزار 690 ٿي ويو.

اسلام آباد ۾ ڪورونا مان متاثر مريضن جو انگ 15 هزار 984، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير 2441، گلگت ۾ 3297 ٿي ويو، سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ 97 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن، اسپتالن ۾ ڪورونا وينٽي ليٽرز جو انگ 1912 آهي.

سڄي ملڪ ۾ 735 اسپتالن ۾ ڪورونا مريضن لاءِ سهولتون آهن، ايم سي او سي موجب هن وقت 995 مريض اسپتالن ۾ داخل آهن.

ملڪ ۾ڪورونا وائرس جي گڏيل ڪيسن ۾ واضح گهٽتائي کان پوءِ 15 اپريل کان تعليمي ادارا مرحليوار کوليا ويا آهن، جڏهن ته واپاري ۽ سماجي سرگرميون به معمول تي اچي رهيون آهن.

ڪورونا وائرس جي عالمي صورتحال:

سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ 2 ڪروڙ 97 لک 30 هزار 66 ۽ ان جي ڪري ٿيل فوتگيون 9 لک 39 هزار 192 ٿي چڪيون آهن. متاثرن مان 2 ڪروڙ 15 لک 44 هزار 416 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن. متاثرن ۾ آمريڪا 67 لک 88 هزار 147 متاثر سان پهرين نمبر تي آهي ۽ 50 لک 20 هزار کان وڌيڪ مريضن سان ڀارت ٻئي نمبر تي اچي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.