اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي پينشن روڪڻ جو نوٽيفڪيشن معطل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي پينشن روڪڻ جو حڪومتي نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.

اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي پينشن روڪڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي.

چيف جسٽس اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو جي نمائندي کان پڇاڻو ڪيو ته قانون ٻڌايو، توهان ڪنهن جي پينشن ڪيئن ٿا روڪي سگهو؟

اي جي پي آر جي نمائندي ٻڌايو ته 465 بي ون تحت بشير ميمڻ جي پينشن روڪي وئي آهي، جنهن تي عدالت لاڳاپيل آفيسر کي قانون پڙهڻ جي هدايت ڪئي.

درخواست گذار جي وڪيل حامد خان عدالت کي ٻڌايو ته 16 ڊسمبر 2019 تي رٽائرمينٽ هئي ۽ بشير ميمڻ 2 ڊسمبر 2019 تي استعيفيٰ ڏني.

عدالت لاڳاپيل اختيارين کان پڇيو ته اڄ تائين توهان ڇا ڪڏهن ڪنهن ايتري سينيئر آفيسر جي پينشن روڪي آهي؟ جڏهن توهان بشير ميمڻ جي پينشن جا سمورا ڪاغذ مڪمل ڪري ڇڏيا ته ڪنهن چيو روڪي ڇڏيو؟

عدالت چيو استعيفيٰ ته ڪو به آفيسر ڏئي سگهي ٿو ۽ اها لاڳاپيل اٿارٽي منظور به ڪئي، 465 تحت ته بشير ميمڻ جي پينشن نٿي روڪي سگهجي ته پوءِ ڪهڙي قانون تحت ائين ڪيو ويو؟

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪو رول توهان ٻڌائي رهيا آهن، اهو بشير ميمڻ تي اپلاءِ ئي نٿو ٿئي.

عدالت اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي جي پينشن روڪڻ جو حڪومتي نوٽيفڪيشن معطل ڪندي حڪم ڏنو ته اي جي پي آر بشير ميمڻ جي پينشن جو معاملو ٻيهر ڏسي ۽ 10 ڏينهن ۾ رپورٽ ڏئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.