قمبر :عوامي تحريڪ پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ عوامي تحريڪ پاران ڪراچي ڪميٽي برسات ۽ ٻوڏ متاثر جي واهر نه ڪرڻ زمينن تي قبضن سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف بس اسٽاپ کان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي  مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪر يٽري ساجد مهيسر, جوائنٽ سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ماه نور ملاح ۽ٻين ڪئي ، احتجاجي مظاهرو شهر جي شهداء ۽  ڀٽو چوڪ سميت مختلف رستن کان ٿيندو جڏهن پريس ڪلب پهتو ته ڪارڪن انتهائي جذباتي انداز ۾ نعريبازي ڪئي . ان موقعي تي  اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صدين کان قائم آهي ۽ تاريخي طور ان جا حقيقي وارث سنڌي آهن ۽ سنڌي قوم سنڌ وطن جي سرحدن جي بچاء لاء نسل درنسل پنهنجي پيارن جون قربانيون ڏنيون آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت عوام جون دشمن آهن سنڌي قوم کي پنهنجي ڌرتي وطن ۽ وسيلن  جي مالڪي ۽ بچاء لاء حقيقي قومي ٻڌي ڪرڻ سجاڳ ۽ چوڪس ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.