ميرپوربٺورو : برسات متاثر جي واھر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ، ڌرڻو

ميرپوربٺورو تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلن سان تعلق رکندڙ برسات متاثرين جي واھر نه ٿيڻ ۽ آيل ٽينٽ ۽ مڇردانيون تعلقي انتظاميا پاران من پسند ماڻهن کي سياسي ۽ سفارشي بنيادن تي ڏيڻ  جي خلاف تعلقي جي مختلف ڳوٺن جي سوين برسات متاثر عورتن ۽ مردن  پاران مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي مسمات شفا، مسمات رحيمان، علي نواز ملاح، رمضان جت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رليف ڪاميٽي جي سربراهه اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپوربٺورو غلام حيدر خاصخيلي جي آفيس اڳيان مين اسٽاپ تي تي ڌرڻو هنيو ويو  ، احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ميرپوربٺورو تعلقي ۾ برسات متاثرين لاءِ آيل ٽينٽ ۽ مڇردانيون سياسي ۽سفارشي بنيادن تي تعلقي انتظاميا پاران مخصوص ۽ من پسند ماڻهن ۾ تقسيم ورهايون ويون آهن  ۽ حقيقي متاثر اي سي آفيس اڳيان دربدر ٿي رھيا آھن

انھن چيو ته ان کان اڳ ۾ ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ آيل لکين روپين جو تيل به ھڙپ ڪيو ويو آهي، انھن چيو ته ساڻن انصاف نه ٿيو ته ڌرڻو جاري رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.