سکر:ڏھرڪي جي رھواسي عورت پاران مڙس ۽ ڏير جي ظلم خلاف احتجاج

سکر ۾ ڏھرڪي جي رھواسي عورت  پاران مڙس ۽ ڏير جي ظلم خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، ڳوٺ فتح پور جي رھواسڻ ھير خاتون صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته سندس مڙس صغير ميراڻي ۽ ڏير شريف ميراڻي ،انور ميراڻي، زبردستي نشئي ۽ وڏي عمر جي ماڻھن کي پيسن عيوض نياڻين جا رشتا ڪيا آھن ، اھڙي عمل خلاف نياڻيون تنگ اچي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن،  ھن چيو ته آواز اٿارڻ تي مڙس ۽ ڏيرن تشدد جو نشانو بڻايو آھي ، ھن  اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.