ميرپور ماٿيلو :نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران مظاهرو

ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ ابل ڳڙھي ۾ چار مھينا اڳ قتل ٿيل نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران  احتجاجي مظاهرو ڪري ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي نوجوان جي وارثن حاڪم خان بوزدار، منير خان، ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهون ڪندي چيو انهن جي ڀاءِ کي نامعلوم ماڻھن بيدري سان قتل ڪري ڪنڊير شاخ ۾ لوڙهيو ڇڏيو آهي، جروار پوليس پاران لاش ڪنڊير شاخ مان ڪڍي بنا پوسٽ مارٽم جي دفنايو ويو ، هنن چيو ته جروار پوليس نوجوان نبي بخش بوزدار جا قاتل گرفتار ڪرڻ بدران خاموشي اختيار ڪري ويٺي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.