مريم نواز ڏانهن موڪليل ايف بي آر جي انڪم سپورٽ ليوي ٽيڪس جا نوٽيس معطل

لاهور(ويب ڊيسڪ) مريم نواز ايف بي آر جي نوٽيس کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ايف بي آر جي انڪم سپورٽ ليوي ٽيڪس جي نوٽسز خلاف مريم نواز جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت مريم نواز کي جاري ٽيڪسز نوٽيسز تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايف بي آر کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي مريم نواز کي موڪليل ايف بي آر جي انڪم سپورٽ ليوي ٽيڪس جا نوٽس معطل ڪري ڇڏيا.

مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ايف بي آر جي انڪم سپورٽ لويوي ٽيڪس واري نوٽس کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي، هن لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪندي ايف بي آر سميت ٻين کي ڌر بڻايو آهي.

مريم نواز پنهنجي درخواست ۾ موقف پيش ڪيو آهي ته ايف بي آر طرفان 6 لک 57 هزار جي انڪم سپورٽ ليوي ٽيڪس جا نوٽسز موڪليا ويا آهن، جڏهن ته قانون جي موجب سمورا ٽيڪسز ادا ڪري رهي آهيان، سمورا ٽيڪس ادا ڪرڻ جي باوجود ايف بي آر ريڪوري جا نوٽيس موڪليا آهن، جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بنچ به ريڪارڊ جو درست جائزو وٺڻ کان سواءِ درخواست خارج ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.