ڪورونا وائرس کانپوءِ رونقون بحال، شادي هال کُلي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ڪورونا وائرس سبب بند ڪيل شادي هال ساڍن 5 مهينن کانپوءِ کُلي ويا.

پنجاب حڪومت جي پڌرائيءَ موجب شادي هال مالڪ ڪورونا بابت ايس او پيز تي عمل جا پابند هوندا، شادي هالن ۾ گنجائش کان اڌ ماڻهن جي شرڪت جي اجازت هوندي.

شادي هال کلڻ جي اجازت کانپوءِ مالڪن تقريبن لاءِ بڪنگ سان گڏوگڏ هالن جي صفائي سٿرائي ۽ ٻيا انتظام شروع ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.