امتحان 2021 جي لاءِ ميٽرڪ جي نصاب کي گهٽ ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي تعليمي بورڊ ميٽرڪ جي سالياني پرچي 2021ع لاءِ معمول جي نصاب کي گهٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

تفصيل موجب ميٽرڪ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ سٺي خبر آهي ته وفاقي تعليمي بورڊ ميٽرڪ جي سالياني امتحان 2021ع جي لاءِ معمول جي نصاب کي گهٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

وفاقي تعليمي بورڊ جو چوڻ آهي ته موجوده حالتن ۾ شاگردن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو ويو آهي ته امتحان 2021ع جي لاءِ معمول جي نصاب کي گهٽ ڪيو وڃي، نصاب وفاقي تعليمي بورڊ جي ويب سائيٽ تي شايع ڪيو ويو آهي، شاگرد ۽ استاد ويب سائيٽ تان نصاب ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.