وزيراعظم هڪ نه ٻُڌي، ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ بحاليءَ جي تجويز رد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ جي بحالي جي تجويز رد ڪندي چيو آهي ته جڏهن نظام مَٽبو آهي ته تڪڙي نتيجا ناهن ايندا، نئين ڊوميسٽڪ ڍانچي سان حقيقي ٽئلينٽ سامهون ايندو.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان اڳوڻن ۽ هاڻوڪن قومي ڪرڪيٽرن ملاقات ڪئي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي نئين ڍانچي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ذريعن موجب وزيراعظم سان ملاقات ۾ اڳوڻن ڪپتانن ۾ وسيم اڪرم، مصباح الحق ۽ محمد حفيظ شامل هئا، جڏهن ته اتي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان اظهر علي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيئرمين احسان ماني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان به موجود هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻن ڪرڪيٽرن ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ ڊپارٽمينٽس جي بحالي جو مطالبو ڪندي چيو ته ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ جي خاتمي سان مقامي رانديگر بيروزگار ٿي ويا آهن.

ذريعن موجب وزيراعظم ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ جي بحالي جي تجويز رد ڪندي چيو ته ريجنل ڪرڪيٽ سڀ کان بهترين ڊوميسٽڪ اسٽرڪچر آهي، پراڻو ڊوميسٽڪ نظام ختم ٿيڻ سان پيدا ٿيندڙ ڏکيائين جو اندازو آهي، جيڪڏهن ڪرڪيٽ کي ٺيڪ ڪرڻو آهي ته ريجن ڪرڪيٽ واحد حل آهي، جڏهن نظام مَٽبو آهي ته نتيجا تڪڙي ناهن نڪرندا، نئين ڊوميسٽڪ ڍانچي سان حقيقي ٽئلينٽ مٿي ايندو.

هوڏانهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن وچ ۾ معاهدي جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مصباح الحق، محمد حفيظ ۽ اظهر علي کي وڏين ڏکيائين سان سمجهايو آهي ته نئين نظام سان تبديليون نظر اينديون.

هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو ٽئلينٽ موجود آهي پر ان کي پالش ڪرڻ جو نظام ٺيڪ ناهي، خواهش آهي ته ايندڙ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جو ٽئلينٽ سڀني کان بهتر نظر اچي.

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ڊپارٽمينٽل سسٽم جو مخالف رهيو آهي ۽ هن چونڊن کان اڳ آسٽريليا وانگر ريجنل ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سسٽم آڻڻ جو اعلان ڪيو هو.

گذريل سال 9 آگسٽ تي وفاقي ڪابينا پي سي بي جي نئين آئين جي منظوري ڏني هئي، جنهن کانپوءِ ڊپارٽمينٽل سسٽم ختم ڪيو ويو ۽ ڊپارٽمينٽس جي جاءِ تي هاڻ صوبائي ٽيمون ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو حصو آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.