حڪومت ديني مدرسن لاءِ 9 ڪروڙ 61 لک رپيا منظوري ڪري ورتا

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اي سي سي اجلاس ۾ ديني مدرسن جي لاءِ 9 ڪروڙ 61 لک رپين جي سپليمنٽري گرانٽس منظور ڪئي وئي.

تفصيل موجب ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم ۽ پروفيشنل ٽريننگ واري وفاقي وزارت ديني مدرسن لاءِ سپليمنٽري گرانٽ سمري پيش ڪئي، ديني مدرسن جي لاءِ 9 ڪروڙ 61 لک رپين جي سپليمنٽري گرانٽس جي منظوري ڏني.

اجلاس ۾ معذور ماڻهن جي اسڪيم جي تحت گاڏين جي ڪسٽمز ڊيوٽي فري درآمد جي قانون ۾ ترميم تي غور ڪيو ويو، اي سي سي معذور ماڻحن جي لاءِ ٽيڪس فري گاڏي امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن جي تحت 1500 سي سي تائين گاڏيون ڊيوٽي فري درآمد ڪري سگهبي، معذور ماڻهن 10 مان هڪ گاڏي درآمد ڪري سگهندا.

اي سي سي ريلوي جي خرچن لاءِ 6 ارب رپين جي منظوري به ڏني، جڏهن ته اين سي او سي لاءِ 21 ڪروڙ 90 لک جي گرانٽ سميت رولنگ اسپيڪٽرم اسٽريجي 23-2020 کيجاري ۽ پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جي قيام ۽ ڊائريڪٽرز جي منظوري ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.