ايپل جو اڳ کان بهتر نئون آءِ پيڊ پيش

ايپل طرفان هڪ نئون پيڊ ايئر متعارف ڪرايو آهي جيڪو ڏسڻ ۾ ڪمپني جي آءِ پيڊ پرو جهڙو ئي آهي جنهن کي ايپل جي ورچوئل ايوينٽ دوران ان نئين ٽيبليٽ کي متعارف ڪرايو ويو.

حقيقت ۾ ايپل آءِ پيد ايئر جي ڊزائين ۾ نمايان تبديلي ڪئي وئي آهي جنهن کي گذريل سال آءِ پيد ۽ آءِ پيڊ پرو وچ ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.

گذريل سال جي ايپل آءِ پيڊ ايئر ۾ بيل گھڻي نمايان هئي جڏهن ته ٽچ آءِ ڊي لاءِ هڪ بٽڻ ڏنو ويو هو وپر هن ڀيري اسڪرين جي چوڌاري بيزل گھڻو گھٽ آهي.

ان آءِ پيڊ ۾ اڳ کان وڏو 10.9 انچن جي لڪئڊ ريٽينا ڊسپلي ۽  ٽرو ٽون سپورٽ ۽ اينٽي رفليڪٽو ڪوٽنگ ڏني وئي آهي.

ايپل ٽچ آءِ ڊي فنگر پرنٽ سينسر کي پاور بٽڻ ۾ مٿي منتقل ڪيو ويو آهي.

ٽيبليٽ ۾ اڳ کان طاقتور ايپل اي 14 بائيونڪ پراسيسر  ڏنو ويو آهي ۽ ڪمپني موجب گذريل سال جي آءِ فون ايئر جي ڀيٽ ۾ ان جي ڪارڪردگي 40 سيڪڙو بهتر جڏهن ته گرافڪ سپورٽ کي پڻ بهتر ڪيو ويو آهي.

ايپل جو چوڻ آهي ته اها ڪمپني طرفان تيار ڪيل هن وقت تائين جو سڀ کان ايڊوانس چپ آهي ۽ مشن لرننگ ايڪسيليٽرز کي به شامل ڪيو ويو آهي.

ايپل ان ٽِينڪنالوجي تي ٻڌل ايپس جو مظاهرو به ايوينٽ دوران ڪري ڏيکاريو.

آءِ پيڊ پرو جيان ان نئين ٽيبليٽ ۾ به يو ايس بي ٽائيپ سي جي واڌ ڪئي وئي آهي جيڪا 20 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ فراهم ڪري ٿي جڏهن ته واءِ فاءِ سڪس سان گڏ 5 جي بي پي ايس ڊيٽا ٽرانسفر سپورٽ به  موجود اٿس.

بيڪ تي  آءِ پيڊ پرو جهڙي 12 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏني وئي آهي جنهن ۾ ونڊو  اسٽبلائيزيشن کي بهتر ڪيو ويو آهي جڏهن ته فرنٽ تي  7 ميگا پڪسل ڪيمرا موجود آهي.

 

ان ٽيبليٽ ۾ ايپل پينسل سپورٽ به ڏني وئي آهي جيڪا مقناطيسي طور تي ڊوائيس سان سلهاڙيل هوندي ۽ ان لاءِ واهپيدار کي 129 ڊالر (21 هزار رپين کان وڌيڪ) خرچ ڪرڻو پوندو.

اهڙي طرح ايپل جو ميجڪ ڪي بورڊ 299 ڊالرن (لڳ ڀڳ 50 هزار رپين) ۾ دستياب هوندو.

اهو نئون ٽيبليٽ ايندڙ مهيني واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو جنهن جي قيمت 599 ڊالر (لڳ ڀڳ هڪ لک) رکي وئي آهي.

ان کان سواءِ ايپل هڪ انٽر ليول آءِ به متعارف ڪرايو جنهن جي قيمت 329 ڊالر رکي وئي آهي.

ان ٽيبليٽ ۾ 10.2 انچ ڊسپلي، اي 12 پراسيسر، 32 کان 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جڏهن ته ان جي ايل ٽي وي ورجن جي قيمت 459 ڊالرن کان شروع ٿيندي جيڪو واهپيدارن کي 18 سيپٽمبر کابن دستياب هوندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.