لاڙڪاڻو : چانڊڪا اسپتال ۾سهولتن جي کوٽ،پري کان ايندڙ مريض پريشان

انتظاميا جي لاپرواهي سبب اتر سنڌ جي وڏي ۾ وڏي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ مختلف علائقن مان ايندڙ مريض علاج جو سهولتون نه ملڻ سبب پريشانين جو شڪار ٿي ويا آهن، ايم ايس لاڙڪاڻو ۽ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن وچ ۾ هلندڙ تڪرار سبب مريض دوائون، ايڪسري، بلڊ بئنڪ توڙي ٻيون سهولتون پرائيويٽ ادارن مان وٺڻ تي مجبور آهن، مريضن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن هوندي به انهن جي چڪاس نه ٿي ڪئي وڃي ،ظلم لڳو پيو آهي

هڪ طرف پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن پاران گذريل 9 ڏينهن کان احتجاج جاري رکندي ايم ايس ارشاد ڪاظمي کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي ته ٻئي طرف ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي پاران پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جا مطالبا تسليم نه ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪجهه او پي ڊيز پڻ کوليون ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.