کپرو: ٻوڏ متاثرن پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج

کپري ۾ٻوڏ متاثرن پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ڳوٺاڻن يونس قائمخاني، رفيق شر، اسماعيل گجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اڳوڻي صوبائي وزير روڊ جي ڀر سان نالو کوٽائي برساتي پاڻي نارا ڪينال ۾ ڪڍرائڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي جنهن ڪري اسان جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ زمينون برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن،

ٻوڏ متاثرن جو وڏيڪ چوڻ هو ته ضلعي سانگھڙ جي انتظاميا پڻ لنگھه هجڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي ڪرائي جيڪڏهن ناراڪينال وهي اچڻ کان اڳ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو ته  اسان ٻيهر آباد نه ٿي سگھنداسين

ٻوڏ متاثرن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پاڻي جي نيڪال ۾ رڪاوٽ بڻيل زميندارن خلاف ڪارروائي ڪري برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو  .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.