کپرو: بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جو احتجاج

کپري ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

کپري ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين مشتاق احمد راجپوت، مهيش گوسوامي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ کپرو تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته حيسڪو کپرو جي عملدار بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري رهواسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هنن  جو چوڻ هو ته حيسڪو کپرو جي عملدارن کي هٽائي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي ……

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.