سامارو: برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف رهواسين جو احتجاج

ساماري ۾ رهواسين پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

تعلقي ساماري جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آهي، جڏهن ته ڳوٺ غلام مصطفي شر، علم الدين شر، گهمن شر سميت مختلف ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي بيٺل هجڻ ڪري علائقن جو زميني رابطو ڪٽيل آھي، مختلف ڳوٺن جي رهواسين غلام مصطفي شر، غلام حيدر شر،  الهجڙيو کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاھ رامجاڳو وٽ مک روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته برساتن سبب علائق پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته فصل پڻ تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي، رهواسين گهر ڪئي ته ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي واهر ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري رکيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.