ايپل طرفان ٻه نيون ڊجيٽل واچون متعارف

ايپل طرفان ورهين کان هر سال سيپٽمبر ۾ نوان آءِ فونز متعارف ڪرايا پيا وڃن پر هن ڀيري اها روايت  ٽٽي وئي آهي.

ايپل جي ورچوئل ٽائيم فلائير ايوينٽ ۾ ڪمپني طرفان نيون سمارٽ واچز، آءِ پيڊ، ٽي وي ۽ وڊيو گيمز جي ڊجيٽل سبسڪرائپشنز تي ڌيان ڏنو ويو آهي.

ظاهر آهي سڀ کان وڌيڪ ڌيان جو مرڪز بڻجندڙ ڊوائيس نئين (ايپل 6 واچ) ثابت  ٿي جنهن ۾ گھڻين شين جي واڌ ڪئي وئي آهي.

ايپل 6  واچ ۾ ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ هٿن جي صفائي جو ٽريڪر، رت ۾ آڪسيجن جي سطح جي مانيٽرنگ ڪندڙ فيچر ڏنو ويو آهي جيڪو سطح گھٽ ٿيڻ تي واهپيدار کي آگاهه ڪندو.

موشن سينسرز ذريعي ننڊ جي ٽريننگ جهڙا فيچرز به ڏنا ويا آهن جڏهن ان ۾ته بلو ايلمونيم، بليڪ گرائفٽ ۽ ڊيپ ريڊ جهڙن نون رنگن جي واڌ ڪئي وئي آهي.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته ايپل  واچ6 سيريز ۾ بلڊ آڪسيجن جي سطح جي جاچ 15 سيڪنڊن ۾ ٿيندي جنهن لاءِ ريڊ ۽ انفراريڊ جو استعمال ٿيندو.

ان سمارٽ واچ ۾ نئون ايس 6 پراسيسر ڏنو ويو آهي جيڪو اڳ جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو تيز آهي.

سيريز سڪس واچ ۾ او ايس 7 کي شامل ڪيو ويو آهي جيڪو سيريز 3 تائين جي ڊوائيسز لاءِ به دستياب هوندو پر نئي واچ ۾ نئين سينسر سبب اهو وڌيڪ بهتر ڪم ڪندو.

ايپل طرفان هڪ نئين  فيچر فيملي سيٽ اپ کي به متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن سان والدين پنهنجن ٻارن جي ايپل واچن کي ڪنٽرول ڪري سگھندا.

والدين جي پنهنجي مرضي سان ان واچ تي  ڪال يا ميسيج موڪلي سگھندا، لوڪيشن الرٽس سيٽ اپ، ڊو ناٽ ڊسٽرب موڊ ۽ ٻيا فيچرز استعمال ڪري سگھندا.

اها سمارٽ واچ 15 سيپٽمبر کان 399 ڊالرن ( 66 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪري لاءِ دستياب هوندي.

سيريز 6 سان گڏ ايپل طرفان هڪ گھٽ قيمت واري  ايپل واچ ايس اي به متعارف ڪرائي وئي آهي جيڪا 3 سال پراڻي ايپل واچ 3 جي جاءِ وٺندي.

ان جي قيمت 279 ڊالر (46 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) کان شروع ٿيندي  جڏهن ته سيليولر ماڊل جي قيمت 329  ڊالرن (54 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.