ڪراچي جي ترقي ۽ بحالي لاءِ خاص ڪميٽي جُڙي وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪراچي جي ترقي ۽ بحالي لاءِ خاص ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

سنڌ حڪومت جي سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي طرفان صوبائي رابطي ۽ عمل درآمد ڪميٽي جي جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفيڪشن موجب ڪميٽي جو سربراهه سنڌ جو وڏو وزير هوندو، جڏهن ته چيف سيڪريٽري، پلاننگ سيڪريٽري، مڪاني ادارن جو سيڪريٽري، ماس ٽرانزٽ سيڪريٽري، پاڪ فوج جي فائيو ڪور ۽ اين ڊي ايم اي جا نمائندا، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، ڪمشنر ڪراچي ۽ پي سي آءِ سي ميمبر به ڪميٽي جو حصو هوندا.

خاص ڪميٽي ڪراچي ۾ ترقياتي پراجيڪٽ، شهر جي بحالي ۽ بهتري لاءِ ڪمن جي مانيٽرنگ ۽ ڪوآرڊينيشن لاءِ وفاق سان رابطي ۾ رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.