نيپرا جو ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي مهانگي ڪرڻ واري درخواست تي اعتراض

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ نيپرا کان في يونٽ بجلي هڪ رپيو 54 پيسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي في يونٽ هڪ رپيو 54 پيسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ڪي اليڪٽرڪ گهڻن سالن واري ٽيرف جي وچ مدي واري جائزي تحت بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي اپيل رد ڪندي وڌيڪ 143 ارب 86 ڪروڙ رپين جي سيڙپڪاري جي اجازت گهري.

ڪي اليڪٽرڪ اختيارين 2020 تائين ڪراچي ۾ بجلي جو شارٽ فال ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو ته 2022ع تائين ڪراچي ۾ بجلي جي کوٽ ختم ٿي ويندي، هن وقت بجلي جي طلب 4050 ميگا واٽ ۽ پيداوار 4140 ميگا واٽ هوندي.

ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ بابت سوال جي جواب ۾ ڪي اليڪٽرڪ جواب ڏنو ته ڊگهي لوڊشيڊنگ جي ڪري مينهن جو پاڻي گڏ ٿيڻو هو، اِهو چوڻ درست ناهي ته اوور لوڊنگ جي ڪري لوڊشيڊنگ ٿي، روڊن تي 6 فٽ تائين پاڻي بيٺل هو، شهر ۾ ڪجه فيڊر ڇهين ڏينهن به بند رهيا، بجلي بند نه ڪريون ها ته جاني نقصان جو انديشو هو، جيڪڏهن عوام کان پڇيو وڃي ته هو ڪي اليڪٽرڪ جي تائيد ڪندو.

نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي گهڻن سالن وري ٽيرف جي وچ مدي واري جائزي جي درخواست تي سوال اٿاريندي چيو ته وچ مدي وارو جائزو سيڙپڪاري جي حد تائين هو، ان جائزي جو مقصد ڪي اليڪٽرڪ جي سيڙپڪاري جو جائزو وٺڻ هو، ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست ۾ گهڻيون شيون آئوٽ آف اسڪوپ آهن ۽ اهڙيون ڪيتريون ئي شيون آهن جن کي بحث هيٺ آڻڻ گهرجي ها.

نيپرا چيئرمين چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جنهن ڪارڪردگي جي دعويٰ ڪري رهي آهي اُها زمين تي ڪٿي به نظر نه پئي اچي، جيڪڏهن ان بهتري ڪئي آهي ته اُها ڪٿي نه ڪٿي نظر اچڻ گهرجي ها، ڪي اليڪٽرڪ جي قول ۽ فعل ۾ فرق آهي، رڳو ڪي اليڪٽرڪ جي لفظن تي انهن کي سيڙپڪاري جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، ڪي اليڪٽرڪ ام مدي ۾ مقرر سيڙپڪاري جو رڳو 39 سيڪڙو مڪمل ڪيو، هاڻ وڌيڪ 144 ارب جي سيپڙڪاري گهري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.