ويوو جو نئون سمارٽ فون سڀ کان اڳ پاڪستان ۾ متعارف

عام طور تي سڄي دنيا ۾ نوان سمارٽ فونز مختلف ملڪن ۾ پهريان متعارف ڪرايا ويندا آهن ۽ پاڪستان ۾ ڪجهه هفتن يا مهينن کان پوءِ ايندا آهن.

پر ويوو جو نئون سمارٽ فون واءِ 51 دنيا ۾ سڀ کان پهريان پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.

ڊزائين ۽ فيچرز جي لحاظ کان اهو گھڻي حد تائين هلندڙ سال اپريل ۾ متعارف ڪرايل سمارٽ فون ايس 1 پرائيم سان ملندڙ جلندڙ آهي.

ويوو واءِ 51 ۾ 6.38 فل ايڇ ڊي پلس ايس اموليڊ ڊسپلي ڏني وئي آهي جنهن ۾ فنگر پرنٽ ريڊر اسڪرين جي اندر لڳل آهي.

ڊوائيس جي اندر مڊرينج سنيپ ڊراگون ڪوالڪوم 665 پراسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم امتزاج ڪمپني پنهنجي فن ٽڇ او ايس 10 سان ڪيو آهي.

ان کان سواءِ 4 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان واڌ ڪري سگھجي ٿي.

فون ۾ 4500 ايم اي ايڇ بيٽري 18 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

فون جي پٺيان 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ ڏنو ويو آهي.

مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سينسر ڪيمرا ڏني وئي آهي، جڏهن ته ٽاپ تي هڪ نوچ ۾ 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.

اها فون ڪجهه مهينا اڳ متعارف ڪرايل ويوو ايس 1 پرائيم جهڙي آهي بس ان ۾ اينڊرائيڊ 9 آپريٽنگ سسٽم ۽ فن ٽچ او ايس 9.2 جو امتزاج هو.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ايس 1 پرائيم پاڻ ويوو ايڪس لائيت جهڙو هو.

ويوو واءِ 51 پاڪستان ۾ ڪاري، بلو ۽ اڇي رنگ ۾ دستياب هوندي.

اها فون 18 سيپٽمبر تائين 36 هزار 999 رپين ۾ پري آرڊر ۾ دستياب هوندو جڏهن ته 19 سيپٽمبر کان مارڪيٽن ۾ موجود هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.