گوگل طرفان نئين سمارٽ فون جي افتتاحي تاريخ جو اعلان

گوگل آگسٽ ۾ مڊرينج پڪسل 4 اي سمارٽ فون متعارف ڪرائڻ وقت اعلان ڪيو هو ته نئين فليگ شپ پڪسل فون لاءِ ڪجهه وقت  انتظار  ڪرڻو پوندو.

پر هاڻ ڪمپني طرفان پڪسل 5 ۽ پڪسل 4 اي(5 جي) موبائل فون جي  افتتاح جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪا سيپٽمبر جي آخر ۾ متعارف ڪرائي ويندي.

گوگل جو او ورچوئل ايوينٽ 30  سيپٽمبر تي ٿيندو جنهن ۾ سمارٽ فونز سان گڏ هڪ ڪروم ڪاسٽ اسٽريمنگ ڊوائيس ۽ وائيس تي ڪم ڪندڙ سمارٽ اسپيڪر  به پيش ڪيا ويندا.

پڪسل فونز کي بهترين ڪيمرا سسٽم لاءِ سڃاتو ويندو آهي پر ايپل ۽ سام سنگ جي فليگ شپ فونز جي ڀيٽ ۾ ان جو وڪرو گھڻو نه آهي۔

هي به پڙهي سگھو ٿا:يوٽيوب ۾ ٽڪ ٽاڪ جهڙو فيچر متعارف

ٿي سگھي ٿو ته ڪمپني کي ان جي گھڻي پرواهه نه هجي ڇو جو دنيا ۾ هر 10 مان 9 سمارٽ فونز ۾ ان جو تيار ڪيل آپريٽنگ سسٽم استعمال ٿيندو آهي.

گوگل

گوگل پڪسل 5 جا رينڊرز گذريل مهيني ليڪ ٿي سامهون آيا هئا جي گھڻي حد تائين پڪسل 4 اي جهڙا ئي هئا.

فون جي ڊسپلي جي حوالي سان اطلاع سامهون آيا آهن، آن لائين ليڪس موجب اها موبائل فون 5.7 يا 5.8 انچ جي هوندي جڏهن ته هڪ ٻي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گوگل طرفان فون کي او ايل اي ڊي پينل سان ليس ڪيو ويندو جنهن ۾ 9 هرٽز رفريش ريٽ ڏنو ويندو.

ان فون جي حوالي سان ٻين ليڪس موجب ان ۾ سنيپ ڊراگون 765 جي پراسيسر هوندو جيڪو 5 جي کي سپورٽ ڪندو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: موٽورولا ”جي 9 پلس“ سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو

ان کان سواءِ 8 کان 12 جي بي ريم، 15 واٽ وائرليس چارجنگ ۽ 5 واٽ وائرليس چارجنگ سپورٽ به فون ۾ موجود هوندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.