يوٽيوب ۾ ٽڪ ٽاڪ جهڙو فيچر متعارف

هن وقت جتي آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ غير يقيني صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي ۽  ڀارت ۾ ان تي پابندي به لڳي چڪي آهي، اتي ئي يوٽيوب ننڍين وڊيوز تي ٻڌل يوٽيوب شارٽس کي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اهو نئون فيچر واهپيدارن کي 15 سيڪنڊ يا ان کان گھٽ وقت جون وڊيوز نئين ڪريٽيئر ٽولز سان تيار ڪري اپ لوڊ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪندو.

يوٽيوب جو اهو نئون فيچر حقيقت ۾ ٽڪ ٽاڪ جهڙو آهي جنهن ۾ اسپيڊ ڪنٽرولر، ٽائيمر ۽ ڪائونٽ ڊائون فيچر به شامل آهي.

مختصر وڊيوز ۾ موسيقي جي واڌ به ڪئي ويندي ۽ ان لاءِ يوٽيوب ۾ گيتن جي وڏي انگ جي لائبريري موجود آهي جيڪا ڪمپني موجب وقت سان گڏوگڏ وڌندي ويندي.

ان کان سواءِ ملٽي سيگمينٽ ڪيمرا به واهپيدارن جي مختلف وڊيو ڪلپس جي سائيز کي ننڍو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي.

يوٽيوب ۾ ٽڪ ٽاڪ جهڙو اهو نئون فيچر اينڊرائيڊ ايپ ۾ نمايان هوندو ۽ ان کي آءِ او ايس ۾ به متعارف ڪرايو ويندو.

يوٽيوب طرفان ٽڪ ٽاڪ جو اهو نقل سڀ کان اڳ ڀارت ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي ياد رهي ته ڀارت ٽڪ ٽاڪ جي سڀ کان وڏي مارڪيٽ هئي پر هاڻ اتي ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اهو فيچر ٻين ملڪن جا واهپيدار به استعمال ڪري سگھندا.

يوٽيوب شارٽس ۾ وڊيوز کي ٽڪ ٽاڪ جيان ورٽيڪل ڏٺو ويندو جڏهن ته ڪمپني طرفان پهريان يوٽيوب هوم پيج ۾ واچنگ شارٽ وڊيوز جي واڌ ڪئي وئي آهي ته جيئن اهڙي قسم جي مواد واهپيدار سولائي سان ڳولي سگھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.