ميهڙ ۾ سنڌ قومي پارٽي طرفان جاڳرتا ريلي

ميهڙ (ت ر)ميهڙ سنڌ قومي پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ انور کوکر مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ منور کوکر ضلع دادو اڳواڻ غلام عباس خاصخيلي ۽ عمران علي پتوجو پاران  ميهڙ ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي  وئي ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ سنڌ قومي پارٽي پارٽي پاران ميهڙ سميت سنڌ ۾ پنهنجا اميدوار بيهارينداسين هنن چيو ته پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ميهڙ کي تباه ڪيو آهي اسان هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي. ۽ هميشه خدمت ڪندا رهنداسين هنن وڌيڪ چيو ته وفاق پاران هڪ سازش تحت ڪراچي ڪاميٽي جوڙڻ جي ڳاله ڪئي آهي جيڪا ڪڏنهن به ڪاميٽي جوڙڻ نه ڏينداسين ۽ وفاق جون ٿيندڙ سنڌ سان ناجائزيون برداشت نه ڪنداسين هنن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران مسنگ پرسن ماڻهن مٿان ٿيندڙ حملي جي مزمت ڪيون ٿا ۽ اسين سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيون ٿا ته هن واقعي جو نوٽيس وٺي شفاف نموني انڪوائري ڪرائي ملوث ڌرين خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي هنن چيو ته 19 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ درياء بچايو ۽ ڪراچي بچايو ريلي ڪڍي ويندي جنهن ۾ پوري سنڌ جي ماڻهن کي شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا هنن چيو ته سنڌ ماء آهي ڪراچي سنڌ جي دل آهي ماء جو ورهاڱو ڪڏنهن به برداشت نه ڪنداسين ۽ سنڌ جي حقن خاطر پنهنجي جان قربان ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.