”تحفظ ڏيو“ نوابشاهه ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) سوڀو ديري جي رھواسي امتياز علي لوھاچ محرابپور جي رھواسڻ گلناز سان نوابشاهه جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته اسان ٻنھي پاڻ ۾ شادي ڪئي آهي، جنھن بعد گلناز جا مائٽ ڪاظم خان، سدورو، ذوالفقار، مولا بخش، سھراب سو مراھ ۽ ٻيا شادي کانپوءِ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن جنھن ڪري اسان کي خطرو آهي.۽ ھر وقت اسان کي قتل ڪرڻ لاء ھر ھنڌ ڳولي رھيا آھن، ھنن چيو ته جوابدارن مان اسان کي جان جو خطرو آهي، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.